گڏيل قومون-20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس نگورنو ڪاراباخ ۾ فوتگين جي اطلاع تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پُرتشدد ڪارروايون فوري طور تي بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. سيڪريٽري جنرل ج?? آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪريٽري جنرل کي خطي ۾ فوجي طاقت جي استعمال ۽ شهري آبادي سميت فوتگين جي رپورٽن تي انتهائي ڳڻتي آهي، سيڪريٽري جنرل ويڙهه جي فوري خاتمي، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ 2020ع جي جنگ بندي جي معاهدي جي سختي سان پابندي جو ??طالبو ڪريون ٿا. هن امدادي ادارن جي متاثر ماڻهن تائين فوري رسائي جو ??طالبو به ڪيو ۽ چيو ته ڌريون اعتماد سازي ۽ خطي ۾ ڊگهي مدي واري امن جي قيام ۾ مدد لاءِ ڪوششون تي ٻيهر ڌيان ڏين. روسي ميڊيا جي ذريعن موجب روس ٻنهي ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو رتوڇاڻ بند ڪري سياسي ۽ سفارتي حل جو رستو اختيار ڪن. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن آذربائيجان طر??ان نگورنو ڪاراباخ جي آرمينيائي آبادي واري صوبي خلاف جاري قدمن کي فوري روڪڻ جو ??طالبو ڪيو آهي ۽ يورپي يونين ۽ آمريڪا انهن قدمن جي مذمت ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران نگورنو ڪاراباخ ۾ فوتگين جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : راکی