ڪولالمپور -07 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا ڄاڻايل آمريڪي قانون تحت حماس ۽ ٻين ويڙهاڪ فلسطيني ??روپن جي حامين تي پابنديون کي رد ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پارليامينٽ ۾ هڪ لکت واري جواب ۾ چيو ته سندس ملڪ فلسطيني ??روپن جي حامين تي هڪ طرفين پابندين کي تسيلم نه ڪندو. آمريڪي نمائندن و??ري ايوان گذريل هفتي حماس انٽرنيشنل فنانسنگ پريوينشن ايڪٽ جي منظوري ڏني هئي جنهن جو مقصد حماس ۽ ٻين فلسطيني ??روپن کي ملندڙ عالمي مالي امداد کي روڪڻ هو. ان بل جي آمريڪي سيينٽ مان منظوري ا??ا باقي آهي. ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته ڄاڻايل آمريڪي بل ملائيشيا کي تڏهن متاثر ڪري سگهي ٿو جڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته حماس يا اسلامي جهاد کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ملائيشيا خلاف ڪي به پابنديون آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي ڪم??نين جي تشخيص سان گڏوگڏ ملائيشيا ۾ آمريڪي ڪم??نين جي سيڙپڪاري جا موقعا به متاثر ڪري سگهن ٿيون. واضح رهي ته ملائيشيا جا اسرائيل سان سفارتي ناتا قائم ناهن.
فلسطيني گروپن جي حامين تي هڪ طرفيون آمريڪي پابنديون نه مڃينداسين: ملائيشيا
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا