مدينه منوره-29 فيبروري (اي پي پي ) سعودي عرب جي الحرمين الشريفين انتظاميا ۾ ديني معاملن جي اڳواڻ شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس مسجد نبوي ۾ رمضان المبارڪ جي تيارين جو جائزو ورتو آهي . ايس پي اي موجب مسجد نبوي ۾ پنهنجي دفر ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي شيخ عبدالحمان السديس ديني اڳواڻ ۽ ادرن جي اڳواڻن جي موجودگي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته زائرين مسجد نبوي لاءِ ديني آگاهي علمي دروس ۽ ٻين خدمتن کي يقيني بڻايو وڃي هن ديني اڳواڻن کي چيو ته خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزا??و محمد بن سلمان جي خواهش موجب زائرين مسجد نبوي کي بهترين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي رمضان المبارڪ منصوبو خدمتون فراه?? ڪندڙ سمورن ادارن ۾ هم آهنگي پيدا ڪندي زائرين کي بهتر خدمتن جي فراهمي تي ٻڌل آهي. ان ۾ سڀ کان پهرين مدينه منوره گو??نريٽ ، سيڪورٽي ادارا ۽ خدمتن جا ٻيا ح??وم??ي ادار?? آهن جيڪي هڪ ٽيم طور ڪ?? ڪن واضح رهي ته مسجد نبوي ۾ زائرين کي بهتر خدمتن جي فراهمي جي منصوبي جو ايندڙ هفتي اعلان ٿيندو .
الحرمين الشريفين انتظاميا جو اجلاس، رمضان المبارڪ ۾ زائرين کي سهولتن جي فراهمي جو جائزو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا