گڏيل قومون -19 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرنل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته جاپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي ۾ تباهي جي اٽڪل 80 سالن کان پوءِ به ايٽمي هٿيار عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ واضح ۽ موجود خطرو آهن. هن ايٽمي هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم پکيڙ سان لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران هٿيار ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ايٽمي هٿيار رکندڙ رياستن تي زور ڀريو ته هو 6 شعبن ۾ ڪارروائي لاءِ اڳواڻي ڪن ج??هن ۾ ڳالهيون ۽ جوابده ??ئڻ شامل آهي. سلامتي ڪائونسل جي صد??رت هلندڙ مهيني جاپان وٽ آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خبردار ڪيو آهي ته ايٽمي هٿيار هن وقت تائين ايجاد ڪيل سڀ کان وڏي تباهه ڪندڙ هٿيار آهن.جيڪي زمين تي موجود سڀني زندگين کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اڄ اهي هٿيار طاقت، رينج ۽ اسٽرينٿ ۾ وڌي رهيا آهن. هڪ حادثاتي لانچ ه?? غلطي، هڪ غلط تعين، هڪ جلد بازي سان ڪيل ڪم وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته جاپان اهو واحد ملڪ آهي جيڪو ايٽمي هٿيارن جي حملي جي قيمت ڪ??هن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر ڄاڻي ٿو. سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اهڙي وقت ۾ منعقد ڪيو ويو آهي جڏهن جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ ۽ عدم اعتماد سان ايٽمي جنگ جو خطرو انتها تي پهچي ويو آهي. هن چيو ته آسڪر ايوارڊ کٽندڙ هالي ووڊ فلم اوپن هائير ۾ خوفناڪ ايٽمي تباهي جون تلخ حقيقتون سڄي دنيا جي لکين ماڻهن سامهون آنديون ويون، انسانت جو تسلسل ممڪن ناهي. سيڪريٽري جنرل چيو ته ايٽمي هٿيار رکندڙ رياستن کي فوري طور تي ان ڳالهه تي متفق ٿيڻ گهرجي ا??هن مان ڪو به پهرين ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪندو ۽ حقيقت ته اها به آهي ته ڪ??هن به ملڪ کي ڪ??هن به حالت ۾ ان جو استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن ايٽمي هٿيارن جي تعداد ۾ گهٽتائي تي زور ڀريو. ان سلسلي ۾ هن آمريڪا ۽ روس تي زور ڀريو ته هو نيو اسٽارٽ معاهدي کي مڪمل لاڳو ڪرڻ لاءِ ڳالهين ڏا??هن واپسي جو رستو ڳولهين ۽ ان جهڙي ڪ??هن نئين معاهدي تي اتفاق ڪن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ايٽمي هٿيارن نه رکندڙ رياستن کي چيو ته هو عدم پکيڙ واريون پنهنجون زميواريون پوريون ڪن ۽ هٿيار ختم ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت ڪن. اجلاس جي صد??رت ڪندڙ ملڪ جاپان جي پرڏيهي وزير يوڪو ڪاميڪا چيو ته هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي تباهه ڪارين کي ڪڏهن به ورجائڻ نه گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن عالمي برادري ايٽمي هٿيار ختم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي بابت وڌيڪ سنجيده آهي ته پوءِ اسان کي ايٽمي هٿيارن کان سواءِ دنيا ڏا??هن حقيقت پسنداڻي ۽ عملي ڪوششن کي مستقل طور تي اڳيان وڌائڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته ڪجهه ملڪن طرفان ايٽمي صلاحيتن ۾ تيزي سان اضافو ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ کي جنم ڏئي سگهي ٿو.
جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ ۽ عدم اعتماد سان ايٽمي جنگ جو خطرو انتها تي پهچي چڪو آهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز