دبئي-08 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل عرب اما??تن پاڪستان جي 77 هين آزادي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي دبئي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل عرب اما??تن جي نيوز ??يج??سي وام موجب اها تقريب دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ اٽڪل 10 هزار ماڻهو شرڪت ڪندا. تقريب ۾ گڏيل عرب اما??تن جو رواداري ۽ گڏيل بقاءَ وارو وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان ۽ گڏيل عرب اما??تن ۾ پاڪستان جو سفير فيصل نياز ترمذي سان گڏوگڏ پاڪستاني برادري ??ا نمائندا ۽ اهم شخصيتون به شرڪت ڪنديون. اها تقريب امارات پاڪستان سان محبت ڪري ٿو، جي پيج جي اهتمام هيٺ ٿيندي. رپورٽ موجب پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي، دبئي پوليس ۽ دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تعاون سان منعقد اها تقريب گڏيل عرب اما??تن ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ گهري لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿي. تقريب ۾ ثقافتي پرفارمنس، ميوزيڪل شوز ۽ روايتي سرگرميون شامل هونديون جيڪي گڏيل عرب اما??تن جي ترقي ۾ پاڪستاني برادري ??ي ڀرپور ورثي ۽ حصيداري ??ي عڪاسي ڪنديون. اها تقريب گڏيل عرب اما??تن جي عالمي تعاون ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ ۽ هم ??هن??ي تي ٻڌل ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي ته جيئن هتي مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ پرامن طريقي سان هڪٻئي سان رهي سگهن. گڏيل عرب اما??تن ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، جن جو بنياد امارات جي باني اڳواڻ شيخ زيد بن سلطان النهيان مرحوم 1971ع ۾ رکيو هو. اڄ ٻئي ڀائر مسلمان ملڪن جا گڏيل لاڳاپا پهرين کان وڌيڪ مضبوط آهن جن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ وڌندڙ اقتصادي تعاون سان هٿي ملي رهي آهي، گڏيل عرب امارات پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ??صيدار ۽ سڀ کان وڏو سيڙپڪاري ??هي، جنهن تازو ئي پاڪستان جي معاشي شعبن ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ??و واعدو ڪيو آهن.
گڏيل عرب امارتن پاران پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي دبئي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا