اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ پاڪ ڀارت تازي ڇڪتاڻ جي معاملي تي پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جي پاليسي گائيڊ لائينز جي 22 نقطن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جي رپورٽ ۾ پيش ڪيل پاليسي گائيڊ لائينز ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پا??ست??ن کي سنڌ طاس م??اهدي تي واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڀارت هڪطرفي طور تي عالمي معاهدي جي ذميدارين کان ڌار ٿئي ٿو ته ان سلسلي ۾ ڀارت جي ڪردار کي سامهون آڻڻ گهرجي، پا??ست??ن جي سرزمين غير رياستي عنصرن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ هي واضح ۽ کليل پيغام ڏنو وڃي ته پا??ست??ن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ ان ۾ غير رياستي عنصر جي لاءِ ڪنهن قسم جي ڪا به گنجائش نه آهي، پاليسي گائيڊ لائينز ۾ چيو ويو آهي ته ??شم??ر بابت عالمي ڪانفرنس جو انتظام ڪيو وڃي، پا??ست??ن ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت طرفان ڪنٽرول لائين تي امن برقرار رکڻ جي لاءِ طئي ٿيل طريقيڪار جو احترام ڪرڻ جي ضرورت آهي، بيڪ چينل ڳالهين جي اهميت ۽ ضرورت کي نظر ۾ رکندي کين بحال ڪرڻ گهرجي ۽ ٻه طرفي ۽ ڄمون ۽ ??شم??ر بابت اعتماد سازي جا قدم بحال ڪرڻ ۽ کين سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
سينيٽ پاران پاليسي گائيڊ لائينز جي 22 نقطن جي منظوري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی