ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان اتفاق ڪيو آ??ي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف گڏيل منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ جو هي بهترين وقت آهي، هي اتفاق راءِ صدر ممنون حسين ۽ آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يع??وب ايوبوف جي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪيو ويو. ڪراچي ۾ آئيڊياز 2016ع ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يع??وب ايوبوف جي صدر ممنون حس??ن سان ملاقات ۾ آذربائيجان جو دفاع صنعت وارو وزير ياور جمالوف، سفير علي عليزاده ۽ پاڪستان جي طرفان دفاعي پيداوار جو وفاقي وزير رانا تنوير حسين، دفاع وارو سيڪريٽري جنرل (ر) سيد محمد اويس ۽ پرڏيهي وزارت جو اسپيشل سيڪريٽري محمد وحيد الحسن به شا??ل هئا.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی