اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد نواز شريف چيو آ??ي ته منصوبن جي معيار تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين، اسان جي منصوبن تي تنقيد ڪندڙن کي الله تعاليٰ هدايت ڏي، اسان منصوبن کي وقت سر م??مل ڪر?? کي يقيني بڻايو آهي ماضي ۾ منصوبن ۾ غيرضروري دير ٿي آهي خبر نه آ??ي ته اسان جي سسٽم ۽ کاتن کي ڇا ٿي ويو آ??ي ته ٻن سالن ۾ م??مل ٿيندڙ منصوبن تي 20، 20 سال لڳي وڃن ٿا. نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم م??مد نواز شريف چيو ته اسلام آباد کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين نئون هاءِ وي ٺهي رهيو آهي جنهن ۾ ميٽرو بس پڻ هلندي، شروعاتي طور تي ان منصوبي ۾ ميٽرو بس شامل نه هئي ٻه مهينا اڳ ميٽرو بس منصوبو ان ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن ماڻهن وٽ سفري سهولت يا گاڏي نه آ??ي ته اهي ان تي سفر ڪري سگهندا. اسلام آباد ۾ ميٽرو بس موجود آهي.
منصوبن جي معيار تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش