بيجنگ-20 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ برازيل عالمي اثر رسوخ رکندڙ اڀرندڙ ملڪ آهن. چيني خابرو اداري موجب چين جي صدر شي جن پنگ بي??نگ جي عظيم عوامي هال ۾ برازيل ۾ ايوان نمائندن جي اسپيڪر آرٿرليرا سان ملاقات ۾ چيو ته چين ۽ برازيل اوڀرندي ۽ اولهندي اڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسرندڙ ملڪ ۽ عالمي اثر رسوخ رکندڙ وڏا ملڪ آهن، هن چيو ته افراتفري جو شڪار هن دنيا ۾ چين ۽ برازيل کي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت ڪرڻ گهرجي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو برازيل جي ”ٻيهر صنعتڪاري“ ۽ ”تيز رفتار ترقي جا منصوبا“ جي نئين ويزن سان انتهائي هڪجهڙائي رکي ٿو، مڪمل طو?? تي رابطاسازي ڪري سگ??ي ٿو ۽ برازيل بابت عمل جديديت ۾ مدد ڪري سگ??ي ٿو. آرٿر ليرا چيو ته چين سان تعاون برازيل جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي موثر طريقي سان هٿي ڏني آهي ۽ برازيل جي پيداواري صلاحيت ۽ روزگار ۾ اضافو ڪيو آهي، چين جي ڪاميابي دنيا لاءِ وڏي اهميت واري آهي. چين هميشه برازيل جي ترقي لاءِ اهم حص??دا?? رهيو آهي. برازيل چين سان ترقياتي حڪمت عملي کي مضبوط بڻائڻ ?? گڏيل لاڳاپن کي نون بلدين تائين وٺي وڃڻ جي اميد رکي ٿو.
چين ۽ برازيل عالمي اثر رسوخ رکندڙ اڀرندڙ ملڪ آهن: چيني صدر
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ