پيرس -17 اپريل (اي پي پي)يورپ جي ??لڪيات ماهرن ڪهڪشائن ملڪي وي ۾ هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن جي ڪميت سج کان 33 ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ اهو بليڪ هول زمين کان 2 هزا?? نوري سال جي ??فاصلي تي واقع آهي. گارڊين موجب بليڪ هول جنهن کي Gaia BH3 جو نالو ڏنو ويو آهي يورپي خلائي ا??جن??ي گايا جيڪا ملڪي وي جو نقشو تيار ڪرڻ لاءِ وقف آهي جنهن مشين ذريعي جمع ڪيل ڊيٽا جي تجزئي دوران بليڪ هول کي دريافت ڪيو آهي. بليڪ هول ان وقت دريافت ٿيو جڏهن سائنسدانن ان جي ??يجهو گردش ڪندڙ هڪ ستاري جي غيرمعمولي لهردار حرڪت جو مشاهدو ڪيو. بليڪ هول ستارن جي زندگي جي ??ڄاڻي تي انهن جي ??ٽڻ سان پيدا ٿيندا آهن. اسان جي ڪهڪشان ملڪي وي ۾ دريافت ٿيل بليڪ هول بي ايڇ ٿري هڪ غير فعال بليڪ هول آهي جيڪو پنهنجي ??يجهي ترين ستاري کان به تمام گهڻو پري آهي. واضح رهي ته گايا جو مشن گذريل 10 سالن کان زمين کان 15 لک ڪلوميٽر جي ??فاصلي تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي ??راهم ڪيل ڊيٽا مان هڪ ارب 80 ڪروڙ ستارن جي ??وزيشن ۽ حرڪتن جو ٿري ڊي نقشو تيار ڪيو پيو وڃي.
يورپي فلڪيات ماهرن پاران ملڪي وي ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria