اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته جنگ جي ميدان ۾ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ان جي فڪري ??ڪست ضروري ??هي، جنهن جي لاءِ خصوصي قدم اڻٽر آهن، ان سلسلي ۾ رياست جا مختلف ادارا، سرڪاري ??ميدار، ميڊيا ۽ تعليم جو شعبو اهم ڪردار ادا ڪري ??گهي ٿو، تعليم کي فروغ ڏئي دهشتگردي جي لاءِ مذهب جي استعمال جو رستو روڪي سگهجي ٿو. صدر اها ڳالهه نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ جمعي ڏينهن نيشنل سيڪيورٽي ۽ وار ڪورس جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به خطاب ڪيو جڏهن ته قومي سلامتي کي درپيش خطرن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم تجويزن تي مشتمل بريفنگ ڏني وئي، گريجوئيشن تقريب ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، س??نيٽر مشاهد حسين سيد، پارليامينٽ جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽا?? ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
جنگ جي ميدان ۾ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ان جي فڪري شڪست ضروري آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کڑک