راولپنڊي – 13 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حس??ن چيو آهي ته ڏکويل انسانيت جي خدمت جي لاءِ ميڊيڪل پريڪٽيشنرز جو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي جن کي ان مقدس پيشي ۾ بنيادي انساني قدرن کي سدائين سربلند رکڻ گهرجي. سرجن جنرل جي سالياني ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حس??ن چيو ته ڊاڪٽر پنهنجي لاڳاپيل پيشي ۾ بهتر اندا?? ۾ ??دمتون سرانجام ڏين جيڪي طبي مهارت سان پوري طرح ??يس هجن ۽ انهن کي ڏکويل انسانيت جي موثر خدمت جو معقول معاوضو ملڻ گهرجي. صدر چيو ته دنيا ۾ ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود ڊاڪٽرن جي بنيادي ڪردار ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي جڏهن ??ه تازن سالن ۾ معاشي ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تيز رفتار ترقي جي نتيجي ۾ رجحانن ۽ روين ۾ تبديلي آئي آهي جنهن ??ان ڊ??ڪٽر ۽ مريض جي تعلق تي اثر پيو آهي.
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria