اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، وبا ۽ لاڪ ڊائون ج?? اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي وئي آهي، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين ج?? امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، ا??ان کي پنهنجي غريب ۽ ڪمزور طبقن ج?? خصوصي خيال رکڻو آهي، سمورن صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطا قائم آهن، اها جنگ پوري قوم گڏجي ??ٽي??دي، ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان 92 نيوز چيئنل جي لائيو ٽيلي ٿون ۾ خيالن ج?? اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري ڪيل لاڪ ڊائون سبب پوري دنيا تي اثر پيا آهن، معيشت کي نقصان پهتو، ا??ان مستقبل ۾ ان ج?? اثرن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته موجوده بحران ۾ آمريڪا 2200 ارب ڊالر ۽ جاپان هڪ هزار ارب ڊالر جو رليف پيڪيج ڏنو آهي جڏهن ته اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته 8 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏئي سگهون، وزيراعظم چيو ته اسان وٽ وڌيڪ وسيلا نه آهن ۽ جيڪي دستياب آهن انهن کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ خيرات ڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ آهن، اهو اسان ج?? ايمان ج?? حصو آهي ته اسان الله جي خوشنودي لاءِ زڪوات ۽ خيرات ڪندا آهيون، اها اسان ج?? طاقت آهي، انهي طرح اسان جا نوجوان به وڏي ??اقت آهن، مستقبل ۾ ڪهڙيون حالتون هونديون، ان ج?? ڪنهن کي پتو نه آهي تنهن هوندي به اسان کي پنهنجي تياري ڪرڻي ??وندي، ا??ان ان مقصد جي لاءِ پنهنجي انهن ٻنهي طاقتن کي استعمال ۾ آڻينداسين.
ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ