اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب خان ۽ وزيراعظم جي پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هن وقت به سڀ کان گهٽ آهي، گذريل 46 ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ 112 سيڪ??و اضافو ٿيو، پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون اٽڪل 25 سيڪڙو وڌايون ويون آهن، وزيراعظم جو ويزن آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، اسان جو مقابلو مافياز ۽ ذخيره اندوزن سان آهي، انهن کي به بي نقاب ڪنداسين، مسلم ليگ (ن) 2015ع ۾ مافياز کي تحفظ ڏنو، اسان مافياز کي ??وڙينداسين، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا لائيسنس رد ڪرڻ جي لاءِ اوگرا کي ??ضبوط بڻائينداسين، غيرقانوني پمپ?? جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو، اوگرا پاران ڪيل ڏنڊ ناڪافي آهن، 30 ڏينهن ۾ سمورن آئل ڊپوز جا انگ اکر سڌوسنئون دستياب هوندا، آئل ريفائنري?? جي اپ گريڊيشن وقت جي ضرورت آهي، غيررجسٽرڊ پيٽرول پمپ?? جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، پاور ڊويزن ۾ منهنجو ڪو عمل دخل نه آهي، پنهنجي اثاثن جا تفصيل ڪابينا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، وزيراعظم چاهي ته انهن کي ??بلڪ ڪري ڇڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو ته حقيقت هن وقت اها آهي ته عالمي منڊي ۾ گذريل 46 ڏينهن ۾ پيٽرول جي قيمت 112 سيڪڙو وڌي آهي. اسان پاڪستان ۾ ا?? جي قيمت ۾ اٽڪل 25 سيڪ??و اضافو ڪيو آهي. جنهن وقت قيمتون گهٽ ٿي رهيون هيون ان وقت به وزيراعظم جي ويزن موجب پاڪستا?? جي عوام کي رليف ڏنو ويو ۽ هاڻي به پاڪستا?? جي عوام ۽ پاڪستا?? جي پورهيتن کي ??زيراعظم تحفظ ڏئي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هن وقت به سڀ کان گهٽ آهي: عمر ايوب/ نديم بابر
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب