اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي م????وع?? ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي م??ارڪباد ڏيندي ??يو آهي ته ان سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمد??ي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ع??ران خان ناڻي واري وزير شوڪت ترين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي م????وع?? ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي م??ارڪباد ڏني، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمد??ي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلومبرگ ۽ دي اڪانومسٽ جهڙين عالمي م??اشي تنظيمن پاڪستان جي ڪوويڊ دوران نوڪرين ۽ زندگين کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل ڪامياب معاشي سڌارن ۽ قدمن کي تسليم ڪيو آهي. وزيراعظم ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو وچولي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي م??اشي بهتري جي لاءِ قدم شروع ڪري جيڪي درآمدي مهانگائي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير مسلسل جاري عالمي سطح تي جنسن جي قيمتن ۾ تمام گهڻي اضافي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهيا آهن جنهن پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ واپاري خساري کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته مقامي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون ڊسمبر کان گهٽ ٿي رهيون آهن جيئن ته صارفين جي لاءِ قيمتن جا انگ اکر ايس پي آءِ سان ظاهر ٿين ٿا. جڏهن ته هو پراميد آهي ته جيئن ئي عالمي سطح تي قيمتون گهٽ ٿينديون درآمدي شين تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو. وزيراعظم مج??وع?? طور تي ٽيڪس وصولي، درآمدات ۽ مٽاسٽا جي ناڻي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم عمران خان پاران ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا