اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو 38 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، راڻاءُ ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير حنا رباني کر، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل نديم رض??، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف اي??مرل محمد امجد خان نيازي، چيف آف اي??ر اسٽاف اي??ر چيف مارشل ظهير احمد بابر، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد ??جيد ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو. اڳوڻي سفير اسد ??جيد ڪميٽي کي پنهنجي ٽيلي گرام جي مواد بابت بريفنگ ڏني. قومي سلامتي ڪميٽي مواد ۽ ڪميونيڪيشن جي جاچ کانپوءِ قومي سلامتي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي کي پريميئر سيڪيورٽي اي??نسيز ٻيهر ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته انهن کي ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو. قومي سلامتي ڪميٽي ڪميونيڪيشن جو جائزو ۽ سيڪيورٽي اي??نسين پاران ملندڙ جائزن ۽ پيش ڪيل نتيجن م??ن اهو نتيجو اخذ ڪيو ته ڪا غيرملڪي سازش ناهي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری