اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي قوم، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سڄي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ا??تي اچن، جن کي سخت برساتن ۽ ٻ??ڏ سبب ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سخت ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو آهي ته سڄي پاڪستان ۾ ٻوڏ ماڻهن جي زندگي ۽ معاش کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستانين ماضي ۾ به غيرمعمولي انسان دو??تي جي جذبي جو مظاهرو ڪيو آهي، اهي هڪ ڀيرو ا??تي اچن ۽ ٻ??ڏ متاثرين جي امداد لاءِ حڪومت ۽ ٻ??ن لاڳاپيل ادارن جي امدادي ڪوششن ۾ مدد جي لاءِ دل کولي روڪ رقم ۾ پنهنجو حصو وجهن. صدر چيو ته سڀئي حڪومتون، ادارا، اين جي اوز ۽ رضاڪار متاثرين کي پناهه، خوراڪ ۽ طبي سهولتن جي فراهمي ۾ مدد ڪن. ميڊيا به قوم کي رقم ۽ ضروري شيون عطيو ڪرڻ جي ترغيب ڏي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته تاريخي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ بيٺل فصل کي نقصان پهچايو آهي، روڊ، پ??يون، بند، مواصلاتي نظام ۽ چرپر جي بنيادي ڍانچي کي به نقصان پهتو آهي. صدر چيو ته عالمي برادري لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي پنهنجي مهارت، ٽيڪنالاجي ۽ گهربل مشينري فراهم ڪري ماضي وانگر قوم هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ايندي ۽ اها مڪمل بحال تائين سک سان نه ويهندي. صدر چيو ته ٻوڏ متاثرين کي برساتن ۽ ٻ??ڏ جي ڪري ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سخت ضرورت آهي. قوم هڪ ڀيرو ٻيهر امدادي ڪوششن ۾ دل کولي روڪ رقم ۾ پنهنجو حصو وجهي. صدر ميڊيا تي به زور ڏنو ته اها متاثرين کي انهن جي زندگي جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ قوم کي حڪومت پاران ڄاڻايل ضروري شين کي منظم ۽ نظم ۽ ضبط سان حڪومت جي قائم ڪيل يا توثيق ٿيل رسمي چينلن جي ذريعي عطيو ڪرڻ جي ترغيب ڏين، جنهن ۾ ريڊي ميڊ فوڊ پيڪيٽ، غذائيت سان ڀرپور گرم کاڌي سان گڏوگڏ چانور کانسواءِ دال، لوڻ، تيل ۽ روزاني جي استعمال جُون ٻيُون شيُون جنهن ۾ ماچس جا دٻا، ميڻ بتين جا پيڪيٽ، گاسليٽ، سولر ليمپ، پ??ليٿن جون چادرون، گرائونڊ شيٽس، فرشي ميٽ، مهارا ۽ ڪمبل وغيره شامل هجن.
صدر پاران سڄي قوم، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي اپيل
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا