اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ل??ءِ امدادي سامان کڻي گڏيل عرب امارات مان وڌيڪ 4 اڏامون گذريل ڏينهن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي امدادي سامان سان ڀريل ٻه اڏامون ڪراچي ۾ لٿيون. سومر جي رات يو اين ايڇ سي آر جون 6 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي چڪيون آهن. ٻيون ٻه اڏامون گڏيل عرب امارات مان امدادي سامان کڻي آيون آهن. هيستائين ٻوڏ سٽيلن جي ل??ءِ گڏيل عرب امارات مان 37 اڏامون پاڪستان آيون آه??. ت??جمان ٻوڏ سٽيلن جي ل??ءِ انساني امداد جي گ??مج??شي ۽ ٿورن سان آجيان ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ