اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هيگ ۾ او پي سي ڊبليو جي هيڊڪوارٽر ۾ ڪيميائي هٿيارن جي خاتمي بابت تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل سفير فرنينڊو ايرياس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ او پي سي ڊبليو جي وچ ۾ جار?? تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. او پي سي ڊبليو جي ڊائريڪٽر جنرل فرنينڊو ايرياس ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر طور ڪردار ۽ صلاحيت سازي جي مختلف پروگرامن ۾ پاڪستان ج?? تعاون کي ساراهيو. پاڪستان پنهنجي صلاحيت سازي جي پروگرام ۽ سڄي دنيا مان شرڪت ڪندڙن جي لاءِ عالمي تربيتي ڪورسز جي ذريعي پاڪستان او پي سي ڊبليو جي ڪم ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن کي لاڳو ڪرڻ ۾ فعال طور ت?? تعاون ڪري رهيو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري او پي سي ڊبليو پ??ران ڪيل ڪم کي ساراهيو ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پاڪستان ڪيم ٽيڪ سينٽر جي جلد آپريشنل ٿيڻ جو منتظر آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري جي هيگ ۾ ڪيميائي هٿيارن جي خاتمي بابت تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش