اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موٽرسائيڪل ۽ رڪشا و??رن کي رعايتي اگهه تي پيٽرول جي ??راهمي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي ??اءِ قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ??يو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي ??دايت موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رمضان دوران مفت اٽي جي ??راهمي ڪئي ويندي جنهن جي ??اءِ پروگرام حتمي مرحلن ۾ آهي، ان اسڪيم سان اسلام آباد جي اٽڪل ڏي?? لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو. اجلاس کي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا و??رن جي ??اءِ رعايتي اگهه تي پيٽرول تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ان حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم پروگرام کي حتمي شڪل ڏئي جلد پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موٽرسائيڪل ۽ رڪشا و??را معاشي طور تي ڪمزور طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ حڪومت انهن کي مهانگائي کان بچائڻ جي ??اءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ رمضان دوران غريب ۽ وچولي طبقي کي مفت اٽي جي ??راهمي جو فيصلو ڪيو آهي، اسڪيم تحت اسلام آباد جي 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي ??سئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مفت اٽي جي ??رڇ کي شفاف بڻائڻ جي ??اءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم جي ??دايت تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا و??رن کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جو پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، پروگرام تحت موٽرسائيڪل ۽ رڪشا و??رن کي سستي پيٽرول جي ??راهمي يقيني بڻائي ويندي.
وزيراعظم پاران موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي پيٽرول جي فراهمي جو اصولي فيصلو، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم پاران سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔