اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پهريون سربراهه آهي جنهن جي بيان جي ترديد ان جي پنهنجي پارٽي جو آفيشل اڪائونٽ ڪري رهيو آهي ”جيڪو عمران خان چ??و، اهو عمران خان نه چيو“، عوام جي ذهنن سان وڌ??ڪ نه کيڏو، قوم جي سامهون ڪوڙ نه ڳالها??و، انهي لاءِ فراڊيي کي ڪارو ڪنستر منهن تي چاڙهڻو پوي ٿو، ڏوهاري آهيو ڏوهاري ئي رهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته توهان سماج، اخلاق، سياست، معيشت تباهه ڪئي، ذهنن ۾ زهر وڌ??، دلين ۾ نفرت ڀري، سياست کي گندو، ملڪ کي مفلوج ڪ??و، عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان باجوه جي چوڻ تي اسيمبليون ڇو ٽوڙيون؟ اقتدار جي خاطر پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام جي توهين، نمائندن جي تضحيڪ ڪئي، انهن جون چونڊيل اسيمبليون تحليل ??يو??. هن چيو ته توهان عدليه کي گاريون ڏنيون، چيف ج??ٽس جي تصوير جي تذليل ڪئي، ڌمڪي سان ضمانت جو ريليف پئڪيج وٺو، چيف ج??ٽس جيڪڏهن آئين جي دستڪ نه پر سَس جي ڊپ، ٻارن ۽ گهروارين جي مشوري سان تنهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو ته اهو هاڻي اسان ٿيڻ نه ڏينداسين. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته آئين سان کلواڙ ڪندڙن کي نه قوم بخشيندي ۽ نه اسان ڇڏينداسين، ڇا سَس آهي! ناٺي جي پوسٽرز تي جوتا هڻندڙن جي ترجمان بڻجي وئي. هن چيو ته آئين ۽ عدل جڏهن فارن ايجنٽ، ناٺي، گهروارين، ٻارن، سَس جي مشوري جي ور چڙهي وڃي ته ملڪ کي عمران جهڙو فتنو، چور، ڪوڙو، مهانگائي ۽ بيروزگاري ڀوڳڻي پوي ٿي. هاڻي اليڪشن باجوه ۽ سَس جي چوڻ تي نه پنهنجي وقت ٿينديون.
پهريون سربراهه آهي جنهن جي بيان جي ترديد ان جي پنهنجي پارٽي جو آفيشل اڪائونٽ ڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری