اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير عيد جو ڏينهن فوجي جوانن ??ان گذاريو، وزيراعظ?? شهباز شريف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??ان گڏ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي ماڳ پاره چناره پهتا. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير عيد نماز فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ??ان گڏ ادا ڪئي ۽ کين عيد مبارڪ پيش ڪئي. وزيراعظم فوج جي اعليٰ جذبي، عسڪري تياري ۽ اعليٰ پيشيوراڻي معيار جي تعريف ڪئي. جوانن ۽ آفيسرن ??ان ملاقات جي دوران وزيراعظم چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف ??ان گڏ اڄ مان عيد جو ڏينهن اوهان ??ان گذاري رهيو آهيان ته جيئن مادر وطن جي سرحدن جي جرئت ۽ بهادري ??ان حفاظت ڪندڙ پنهنجي آفيسرن ۽ جوانن جي ڪوششون ۽ جذبن کي خراج تحسين پيش ڪريان. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي ذاتي آرام ۽ سڪون کي ڇڏي وطن عزيز جي تحفظ، دفاع ۽ سلامتي جو عظيم فرض انجام ڏين ٿا، موسم ۽ حالتن جي سختين کي برداشت ڪن ٿا ۽ هر طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. مادر وطن جي سرحدن جو پهرو ڏين ٿا جنهن تي قوم اوهان کي سلام پيش ڪري ٿي هن چيو ته عيد سميت خوشين جا موقعا هجن يا ڏک جا، آفيسر ۽ جوان انفرادي طور وطن جي حفاظت جي فرض کي ترجيح ڏين ٿا. ا??ان اوهان جي هن جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اڄ مان آرمي، ايئر فورس ۽ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي خدمت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي بي پناهه تڪليفن جو مقابلو ڪري ملڪ جي سرحدن جي حفاظت جو مقدس فرض نڀائين ٿا. وزيراعظ?? شهباز شريف پوري قوم خاص طور تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي عيد جي مبارڪ پيش ڪئي. وزيراعظم ان ??زم جو ورجاءُ ڪيو ته امن تباهه ڪندڙ، دهشتگردي ڪندڙن ۽ ??نه?? جي سرپرستن ۽ سهولتڪارن لاءِ لڪڻ جي ڪا به جاءِ نه آهي، پاڪستاني قوم جي پاڪستانيت ملڪ ۾ فتني فساد، ڏڦيڙ ۽ افراتفري پيدا ڪندڙ قوتن جي مڪروه منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ??نه?? قوتن کي شڪست ٿي جيڪي پنهنجي مڪروه ايجنڊا لاءِ ورڇ ۽ ڏارون پيدا ڪرڻ چاهيندا هئا. هن چيو ته شهداءَ پاڪستان ۽ قوم جو سرمايو آهن، ??نه?? جي عزت ۽ حرمت ا??ان کي هر شيءَ تي مٿ??نه??ن آهي. وزيراعظ?? شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان کان اڳ اچڻ تي چيف آف آرمي اسٽاف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڪمانڊر 11 ڪور کانسواءِ صوبائي حڪومت جي اعليٰ عملدار به پڻ موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير عيد جو ڏينهن فوجي جوانن سان گذاريو
مضمون کا ماخذ : راکی