اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالديپ ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي ??گهه ڏيڻ ??ان گڏوگڏ مالديپ کي پاڪستاني مصنوعات برآمد ڪرڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان مالديپ ??ان پنهنجي لاڳاپن کي ٻطرفي ڏس سميت سارڪ، او آءِ س??، گڏيل قومن ۽ د??لت مشترڪه جي فريم ورڪ ۾ تمام گهڻي اهميت ??ي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مالديپ جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر ??ان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته موسمياتي تبديلين ??ان ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ٻنهي کي هڪ جهڙو خطرو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ کي ??ياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پاران مسلمانن جي خلاف فرق ۽ انهن تي ظلم انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران مسلمانن خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر سارڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪردار تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي ??سلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر کي ??ن جي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي ??ان پڄاڻي تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان مالديپ لاڳاپن کي ??هتر بڻائڻ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي ڪوششن کي ??اراهيو.
مالديپ ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب