اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن ۽ ملڪي معاشي صورتحال تي تف??يل?? بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن بشمول اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، پاور واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن تي تف??يل?? طور آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي پڻ تف??يل?? بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هر شعبي ۾ جاري سڌارن تي تف??يل?? رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ملڪي معاشي پاليسين جو تسلسل قائم رکنداسين ۽ وڌيڪ اقتصادي بهتري آڻينداسين، عوامي ڀلائي جا منصوبا بنا رڪاوٽ جاري رهندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم نگران حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ن??ران حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڊي ريگيوليشن ۽ ذميوار خودمختياري تي ڌيان ڏيندي، نگران حڪومت پنهنجي محدود مدي ۾ سموريون توانائيون معيشت جي اصلاح تي لڳائيندي. نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ کي ملڪي معاشي صورتحال تي پڻ تف??يل?? بريفنگ ڏني وئي.
ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : راکی