اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ 48هين 2 ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس 11 ۽ 12 ربيع الاول (28 ۽ 29 سيپٽمبر) تي اسلام آباد ۾ ٿيندي، اها ڪانفرنس انعام ورهائڻ، سيرت، نعت ۽ سيرت النبي ﷺ جي موضوع تي مق??لن ۽ ڪتابن ۾ مق??بلن جهڙن ٻن اهم حصن تي ٻڌل هوندي. هلندڙ سال مق??لن ۽ سيرت ۽ نعت جي ڪتابن ۾ مق??بلي جو اعلان فيبروري ۾ ڪي?? ويو هو جنهن جو عنوان ”ملڪي معاشي استحڪام جي لاءِ حڪمت عملي، سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾“ هو. واضح رهي ته مق??لن ۽ ڪتابن جي مق??بلن جي لاءِ وزارت کي مليل سمورن مق??لن ۽ ڪتابن کي شروعاتي طور تي وزارت جي سطح تي هڪ ڇنڊڇاڻ ڪميٽي شرطن ۽ ضابطن موجب پرکي ٿي، ان مرحلي ۾ چونڊيل هر ڪتاب ۽ هر مق??لي کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ماهرن تي ٻڌل ججز جي ڪميٽي کي تفصيلي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ موڪليو ويو، اهي جج ۽ ماهر يونيورسٽين جا پي ايڇ ڊي سطح جا پروفيسرز هوندا آهن. بعد ۾ انهن ماهرن جي رپورٽن کي هڪ اعليٰ سطحي ايپڪس ڪميٽي جي حوالي ڪي?? وڃي ٿو، اها ڪميٽي هر ڪتاب ۽ مق??لي کي ڄاڻايل رپورٽس جي روشني ۾ پرکي فيصلو ڪري ٿي ته ڪهڙو ڪتاب ڪهڙي انعام جو مستحق آهي. اهڙي طرح انعام يافته قرار ڏنل ڪتاب ۽ مق??لا سيرت جو تعين هوندا آهن. هلندڙ سال ڪتابن، سيرت ۽ نعت جي مق??بلي جي لاءِ 137 ڪتاب مليا جن مان انعام حاصل ڪندڙ خوشنصيب ماڻهن جو انگ 31 آهي جڏهن ته 94 سيرت مق??لا مليا جن ۾ انعام حاصل ڪندڙ ماڻهن جو انگ 35 آهي. هن سال ڪل 66 خوشنصيب ماڻهو انعام حاصل ڪندڙن ۾ شامل هوندا. انعام حاصل ڪندڙن کي يادگاري شيلڊز، سرٽيفڪيٽس ۽ روڪ انعامن سان نوازيو ويندو. مذهبي معاملن واري وزارت معياري مق??لن کي ڇپرائي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جي لائبريرين ۽ سيرت النبي ﷺ جي موضوع تي تحقيقي ادارن کي مفت فراهم ڪندي. سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس جا ٻه سيشن ٿيندا، پهرين سيشن ۾ مق??لن، ڪتابن ۽ سيرت ۽ نعت جي موضوع تي مق??بلن ۾ حصو وٺندڙ پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر ايندڙ ليکڪن ۽ شاعرن ۾ انعام ورهايا ويندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ هر سال سيرت ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ناليوارا مذهبي اسڪالرز شرڪت ڪندا آهن جنهن جو مق??د عالم سڳورن جي گڏيل ميل جول سان فڪري فاصلن کي گهٽ ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو موقعو فراهم ٿئي ٿو ۽ ان سان مذهبي هم آهنگي، رواداري تي پڻ خوشگوار اثر پون ٿا. ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن ۾ محفل نعت پڻ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارا نعت خوان نبي اڪرم ﷺ جي شان ۾ مدح سرائي ڪندا. ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن مرڪزي تقريب ۾ سيرت النبي ﷺجي مخ??لف رخن کي اجاگر ڪي?? ويندو، موضوع جي مناسبت سان اسڪالرز ۽ خطاب ڪندڙ مخ??لف عنوانن معيشت جو تصوراتي رخ سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، فلاحي معيشت جو قيام سيرت النبي ﷺ جي روشني، معيشت ۽ معاشرت جي تعلق جو رخ سيرت النبي ﷺ جي روشني، معيشت ۽ اخلاق جي تعلق جو رخ سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، معاشي استحڪام ۾ رياست جو ڪردار سيرت النبي ﷺ جي روشني، زڪوات ۽ صدقي جو معاشي استحڪام ۾ ڪردار جو رخ سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، اسلام جو مثالي معاشي نظام جو رخ سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، معاشي استحڪام جي لاءِ ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، ڪسب معاش جي فضيلت ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ان جي اهميت سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، معاشي استحڪام جي لاءِ منصوبابندي جي اهميت ۽ ضرورت سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾ ۽ معاشي استحڪام ۾ عورتن جو ڪردار سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾“ تي خيالن جو اظهار ڪندا.
مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ 2 ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس28 کان اسلام آباد ۾ ٿيندي
مضمون کا ماخذ : quina acumulada