اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد ??ختر چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي ه??ي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ آسٽريليا ??ي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جو پرجوش استقبال ڪيو. هن چيو ته آسٽريليا پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي ه??ي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ اهم ٻه طرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي ه??ي ڏيڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو و??و.
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria