اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي ??اء?? انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن طرف معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، انهن کي جا??ع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ صلاحيتن ۽ معذوري جي حساب سان نوڪريون ڏيڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪ??و جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مختار احمد علي، سماجي ڪارڪن ۽ خصوصي ماڻهو شامل هئا. وفد صدر کي معذور ماڻهن جي مخصوص ضرورتن ۽ مسئلن بابت ٻڌايو. صدر معذور ماڻهن جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي ??اء?? انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻهن جي سهولت ??اء?? بازارن ۽ عوامي جا??ن تي استعمال جوڳا ريمپس تعمير ڪرڻا پوندا. هن خصوصي ماڻهن جي معاون ٽيڪنالاجي تائين پهچ وڌائڻ جي ??اء?? قدمن تي زور ڏيندي چيو ته انهن جي علم ۽ معلومات تائين پهچ وڌائڻ جي ??اء?? ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي وڃي. صدر چيو ته معذور ماڻهن طرف معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن کي جا??ع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ صلاحيتن ۽ معذوري جي حساب سان نوڪريون ڏنيون وڃن، ان سلسلي ۾ سرڪاري ۽ نج?? شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نوڪرين جي ڪ??ٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ان سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي معاشي خودمختياري جي ??اء?? انهن کي هنر ۽ قرضن جي فراهمي آسان بڻائڻي پوندي.
معذور ماڻهن جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار