اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ترقي ۽ مختلف شعبن ۾ عورتن جي حصيداري کي ساراه??ند?? چيو آهي ته انهن جي ذهانت ۽ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون و??ند??ون، نوجوانن کي آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم جي فراهمي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، عورتن تي تشدد جي روڪٿام جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو و??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ۽ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن ۾ عورت پاڪستان ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??لڪ جي مختلف شعبن ۾ عورتون هڪ جهڙي طور تي فعال ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، انهن پنهنجي اهليت ۽ قابليت سان پاڻ کي مڃرايو آهي، اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن ٻئي ??لڪ کان گهٽ نه آهي، انهن کي ترقي ۽ خوشحالي جي ڊوڙ ۾ اڳتي آڻڻ جي لاءِ تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا ته جيئن اهي دنيا جي ٻين ملڪن جي برابر رتبو حاصل ڪري سگهن، معاشري جي ترقي ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي، ملڪي عورتن جي آبادي جو رڳو 23 سيڪڙو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مصروف عمل آهي، 25 سيڪڙو عورتن جي آبادي جو قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي، ان جا مختلف سبب آهن، ان حصي کي برابر موقعا ڏيڻ ۽ ترقياتي عمل ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اميد آهي ته پنجاب جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ مريم نواز شريف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي، پاڪستان جو پهريون عورتن تي تشدد جي روڪٿام جو مرڪز ملتان ۾ قائم ڪيو ويو، ان کي پ??ري پاڪستان ۾ توسيع ڏيڻي هئي. هن چيو ته اسان کي اڄ اهو پڪوپهه ڪرڻو پوندو جيڪڏهن اسان کي پاڪستان کي عالمي دنيا جي صف ۾ شامل ڪرائڻو آهي ته انهن عظيم ڌيئرن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ، تعليم ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته زندگي جي هر شعبي ۾ عورتون م??دن جي برابر پنهنجون توانائيون ۽ قابليت استعمال ۾ آڻي عظيم قوم بڻجي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته اي ايس پي شهربانو نقوي جي ڪارڪردگي شاندار رهي جنهن تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هن ڪجهه ڏينهن اڳ جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکي، پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ان عورت کي بچايو، اها ان جي بهادري ۽ فرض شناسي هئي، عورتن جي وراثت جو قانون ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته ڏورانهن علائقن، ڳوٺن خاص طور تي پ??تي پ??ل علائقن ۾ ٻارڙين کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ مراعاتي پئڪيج ڏيڻو پوندو، اسان تعليم جي زيور جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو هو، ڇهين درجي ۾ ٻاررين جي داخلا تي انهن کي وظيفا ڏنا ويا، پنجاب انڊومنٽ فنڊ کي پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، قابل شاگردن کي 20 ارب رپين جا وظيفا ڏنا، قابل ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن کي وظيفا ملڻ گهرجن، پنجاب ۾ وائوچر اسڪيم، اسڪلڊ ڊيولپمينٽ ڪمپني قائم ڪئي هئي، ان اسڪيم تحت شاگردن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ تربيت فراهم ڪئي وئي، ان پروگرام سان انقلابي تبديلي آئي، اسان کي پ??هنجي وسيلن سان ان پروگرام کي سڄي ??لڪ ۾ وسعت ڏيڻي پ??ندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي اڳتي وڌنو آهي، قومن کي ترقي ۽ وقار ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي ٻارن کي آءِ ٽي، پيشيواراڻي تربيت سميت جديد ٽيڪنالاجي کان روشناس ڪرائڻو آهي، اسان کي بهترين راند جو پڻ مظاهرو ڪرڻو آهي جڏهن ته جديد تعليم جو تصور اهم آهي، وفاق وٽ موجود وسيلا صوبن سان گڏجي ان شعبي تي خرچ ڪنداسين ۽ نوجوانن کي جديد هنر جي تعليم فراهم ڪنداسين ۽ ??لڪ کي اڳتي وٺي هلنداسين، عورتن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان جي دين ۽ اسان جي نبي اڪرم ﷺ عورتن جو رتبو بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي نوجوانن کي هر قيمت تي جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، عورتن تي تشدد جي روڪٿام جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو و??ند?? جيڪو ان ڳالهه جي ضمانت ڏ??ند?? ته عورتن جي عزت ۽ احترام تي ڪو حرف نه اچڻ ڏنو و??ند??. پاڪستان م??لم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شيزه فاطمه خواجه خطاب ڪندي چيو ته عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ماضي جي پ??هنجي حڪومتن جي دور ۾ ڪيترائي قدم کنيا، نوڪرين ۾ عورتن جي ڪوٽا 33 سيڪڙو وڌائي و??ند??، ڪم ڪرڻ وارين عورتن جي لاءِ انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو و??ند??، مستحق عورتن جي لاءِ ٽرانسپورٽ وائوچر اسڪيم شروع ڪئي و??ند??. هن چيو ته ڪاروبار جي لاءِ عورتن جي سميڊا جي ذريعي معاونت ڪئي و??ند??، عورتن کي رهائش جون سهولتون ڏنيون و??ند??ون. ان موقعي تي وزيراعظم مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي ۽ خدمتن جو مظاهرو ڪندڙ عورتن ۾ ايوارڊز ورهايا.
ملڪي ترقي ۽ مختلف شعبن ۾ عورتن جي ذهانت ۽ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II