اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا اڊيالا مان ملڪ دشمني جي گائيڊ لائين وٺي رهيا آهن، ڪنهن کي پاڪستان تي تنقيد ۽ پرڏيهي ??اليسي تي حملي آور ٿيڻ جي اج??زت نه ڏني ويندي، پرڏيهي ??اليسي سان کيڏڻ عمران خان جو شيوو رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو هائوس جو ڌيان پاڪستان جي مفاد ۾ سان واڳيل پاليسي جي محاذ طرف ڇڪرائڻ چاهي ??و. پرڏيهي ??اليسي هڪ حساس موضوع آهي، گذريل ڏينهن صدر جي خطاب دوران جيڪو هن ايوان ۾ ٿيو، افسوسناڪ هو، ماضي ۾ هن هائوس جي روايت رهي آهي ته اپوزيشن پاران علامتي احتجاج ڪيو ويندو هو ان کانپوءِ ايوان ۾ ويهي تقرير ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه گيلريز ۾ غيرملڪي سفارتڪار به موجود هئا ۽ انهن جي موجودگي ۾ ايوان جي اندر باجا وڄايا ويا، اپوزيشن ايوان جي اندر غلط روايتون وجهي رهي آهي، ماضي ۾ اهڙي طرح ايوان جو ماحول ڪڏهن خراب نه ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن به دوس?? ملڪن پاران پاڪستان جي دوري تي وفد اچن ٿا يا سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪو اشارو ڏنو وڃي ٿو ته مُخالف ڌر پاران پاڪستان جي دوس?? ملڪن جي حوالي سان مختلف قسم جا بيان سامهون اچن ٿا. پي ي آءِ جي هڪ ميمبر پاران هڪ بيان ڏنو وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان جي پنهنجي ئي پارٽي ان جي ترديد ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي تنقيد ڪرڻي آهي ته منهنجي ذات تي ڪريو، منهنجي پارٽي تي ڪريو، اسان جي هڪ هڪ ميمبر تي ڪريو، پر پاڪستان تي تنقيد ڪرڻ جي اج??زت نه ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳ ۾ به آمريڪي سازش جو بيانيو ٺاهيو ۽ چيو ته اسان ڪو غلام آهيون، آمريڪي سازش جي نتيجي ۾ اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي آهي، ان کانپوءِ انهي بيانيي تي هن يوٽرن ورتو. وفاقي وزير چيو ته انهن ??ي ليڊر جو شيوو رهيو آهي ته پرڏيهي ??اليسي سان کيڏڻو آهي، سڀني کي اها آڊيو ياد هوندي جنهن ۾ هن چيو هو ته اسان ان بيانيي سان کيڏڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سائفر سان کيڏي پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي رابطي ڪاري ۽ رابطي جي ڳجهي ??ظام کي خطري ۾ وڌو، سائفر هڪ ڳجهو دستاويز هوندو آهي، ان جو هڪ تقدس هوندو آهي، هن پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڪميونيڪشن نظام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي دوس?? ملڪن جي خلاف بي بنياد الزام هنيا، هي اڳ ۾ اهڙي طرح جا بيان ڏيارين ٿا ۽ ان کانپوءِ ان جا ترجمان انهن جي ترديد ڪن ٿا. هن چيو ته ڪهڙي ضرورت پيش اچي ته پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ تان ترديد ڪئي وڃي ته اسان جي فاضل ميمبر ڪنهن دوس?? ملڪ بابت جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها غلط هئي. هن چيو ته پاڪستان اڳتي وڌي رهيو آهي، معيشت جي حوالي سان مثبت خبرون اچي رهيون آهن، بلومبرگ، يو اين ڊي پي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻيا عالمي مالياتي ادارا تسليم ڪري رهيا اهن ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ملڪ جي پرڏيهي ??اڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جو خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته اسان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته هن هائوس جي اندر دوس?? ملڪن جي حوالي سان گڏيل قرارداد آندي وڃي. هن چيو ته پرڏيهي ??اليسي جي حوالي سان ملڪ دشمني جي ذريعي ملڪ کي جيڪو نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها انهن ??ي ليڊر جي هدايت تي ڪئي پئي وڃي، انهن کي اڊيالا کان آرڊر اچي ٿو ته ڪنهن به دوس?? ملڪ جي خلاف ڳالهه ڪريو، ان کانپوءِ اهي ??اڻ ان جي ترديد ڪرائين ٿا، پرڏيهي ??اليسي تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه ڪرڻ، ان کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪوڙي بيانيي جي اج??زت نه ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته اڊيالا جيل ۾ ويهي اهي ??لڪ دشمن بيانيو هلي رهيو آهي جنهن تحت 9 مئي تي ملڪي دفاع تي حملا ڪيا هئا ۽ هاڻي ملڪ جي پرڏيهي ??اليسي تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي قطعي طور تي اج??زت نه ڏني ويندي، هي ??لڪ سڀ کان مٿاهُون آهي ۽ سياسي پارٽيون ان کانپوءِ اچن ٿيون.
پي ٽي آءِ وارا اڊيالا مان ملڪ دشمني جي گائيڊ لائين وٺي رهيا آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل