اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان مسلسل جاري جنگ جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، ا??ان پنهنجي هزارين شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي وڃايو، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي پڻ دهشتگردن شهيد ڪيو، ملڪ جا ڪيترائي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ پڻ دهشتگردن جي هٿان جان وڃائي ويٺا، دهشتگردي ملڪي معيشت کي پڻ اربين ڊالر جو مالي نقصان پهچايو، پاڪستان مخالف قوتون دهشتگردي جي حمايت، ڳجهي طور تي مالي مدد ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرائڻ لاءِ ويڙهاڪ موڪلي رهيون آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي عالمي ڏين??ن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو (21 آگسٽ 2024ع) تي ملهايو ويو. هن چيو ته دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي عالمي ڏين??ن جي موقعي تي اسان دهشتگردي جي سمورن متاثرين ۽ پاڪستاني شهرين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ??ا، ا??ان دهشتگردن جي خلاف ملڪي دفاع ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فور??ز ۽ قانون ??اڳو ڪندڙ ادارن جي بهادر اهلڪارن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪريون ??ا. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي دهشتگرد عنصرن جي هٿان پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ سمورن خاندانن جي درد ۽ تڪليف جي ياد پڻ ڏياري ٿو. هن چيو ته هن سال جو موضوع ” دهشتگردي جا متاثر بطور امن جا علمبردار ۽ معلم“ اها ڳالهه اجاگر ڪري ٿو ته زندهه بچي ويندڙ ماڻهو امن جي فروغ ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي تباهي آڻيندڙ اثرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر چيو ته اسان جي قوم انهن چئلينجن جي مقابلي ۾ بي مثال عزم ۽ سگهه جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن ڪاميابي سان دهشتگرد قوتن تي ضابطو آندو ۽ ٻن ڏهاڪن کان اها جنگ اڪيلي وڙهي رهيو آهي، ا??ان جي ڪوششن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ اسان دهشتگردي جي خاتمي جي عال??ي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته اڄ به اسان جي بهادر سيڪيورٽي فور??ز ۽ قانون ??اڳو ڪندڙ ادارن دهشتگرد عنصرن جي خلاف ڪارروايون جاري رکيون آهن ۽ قوم جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن، فوجي آپريشنز جهڙن حربي قدمن سان ڪيترن ئي دهشتگرد نيٽ ورڪس کي ڪاميابي سان ختم ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ قومي ايڪشن پلان، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستان جي قومي بيانيي ۽ ٻين سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبن جهڙن غيرحربي قدمن سان دهشتگردي جي خلاف ڪميونٽي جي صلاحيت کي مستحڪم ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ اسان دهشتگرد عنصرن جي خلاف فيصلائتي ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ??ا، ا??ان جو بنيادي مقصد عوام جي حمايت سان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ۽ ملڪ جي لاءِ هڪ پرامن مستقبل حاصل ڪرڻ آهي، ا??ان جو عزم پختو آهي ۽ اسان متاثرين ۽ ان??ن جي خاندانن جي مدد جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي چئلينج آهي جن??ن جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري جي گڏيل ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت آهي، ا??ان کي عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻو پوندو، انٽيلي جنس شيئرنگ کي وڌائڻو پوندو ۽ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي هوا ڏيندڙ بنيادي سببن جو خاتمو ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان سڀ گڏجي ڪم ڪري سڀني جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ پرامن دنيا جوڙي سگهون ??ا.
پاڪستان مخالف قوتون مُلڪ ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرائڻ لاءِ ويڙهاڪ موڪلي رهيون آهن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری