اسلام آبا?? -11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته اميد آهي ته ڀارت ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ ياسر ??لطان پاڪستان جو نالو روشن ڪندو، نوجوانن جي راندين جي سرپرستي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏين??ن هتي جيولين رانديگر ياسر ??لطان سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب ياسر ??لطان ڀارت ۾ رٿيل سائوٿ ايشين چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هي چيمپيئن شپ 3 کان 5 آڪٽوبر تائين ٿيندي، راڻا مشهود احمد خان ياسر ??لطان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اميد آهي ته ڀارت ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ ياسر ??لطان پاڪستان جو نالو روشن ڪندو، نوجوان رانديگرن جي سرپرستي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته رانديگرن کي سمورا وسيلا ۽ سهولتون فراهم ڪنداسين، ملڪ ۾ راندين جا ميدان آباد ڏسڻ چاهيون ٿا.
اميد آهي ته ياسر سلطان سائوٿ ايشين چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندو: راڻا مشهود
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں