اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته موسمياتي ت??ديلي عالمي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي، پاڪستان ان معاملي ??ي تمام گهڻي سنجيدگي ڏيکاري آهي، زهريلا گئس خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي پر نقصانن جو سڀ ک??ن وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، حڪومت وڻڪاري، ڪلين گرين انرجي، موسمياتي ت??ديلي بابت آگاهي جي حوالي سان مختلف قدم کنيا آهن. ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ جي نمائندن ۽ وزيراعظم جي موسمياتي ت??ديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان زهريلا گئس خارج ڪرڻ جو ??مي??ار نه آهي ۽ زهريلي گئسن جي عالمي سطح تي خارج ٿيڻ ۾ پاڪستان جو حصو ٻه سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ان جي باوجود پاڪستان جو ڳاڻيٽو موسمياتي ت??ديلي کان سڀ ک??ن وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي، پاڪستان موسمياتي ت??ديلي جو وڏو ڪِيتو ڀوڳي ٿو. هن چيو ته بطور هڪ ??مي??ار ملڪ جي پاڪستان موسمياتي ت??ديلين جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، وڻڪاري مهم، گرين انرجي، موسمياتي ت??ديلي بابت آگاهي جي حوالي سان حڪومت مختلف قدم کنيا آهن ۽ موسمياتي ت??ديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ تي پورو ڌيان ڏنو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ سدائين موسمياتي ت??ديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي خصوصي ڌيان ڏنو آهي، انهن ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ گذريل ٻوڏ دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪرايو ويو، ان جو مقصد اهو ئي هو ته پاڪستان ۾ موسمياتي ت??ديلي جي نقصانن کان دنيا کي آگاهه ڪيو وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ سميت موسمياتي ت??ديلي تي ڪم ڪندڙ غيرمل??ي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته دنيا کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ اسان جو حصو تمام ٿورو آهي پر نقصان سڀ ک??ن وڌيڪ برداشت ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي ت??ديلي عالمي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان ان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي ۽ پاڪستان ان معاملي ??ي تمام گهڻي سنجيدگي ڏيکاري آهي. وفاقي وزير زور ڏنو ته موسمياتي ت??ديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر شخص کي ??مي??اري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، موسمياتي ت??ديلي جي حوالي سان عالمي حصيدارن جي تعاون جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته موسمياتي ت??ديلي جي حوالي سان ملڪ کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان رومينه خورشيد عالم سٺي ڪوآرڊينيشن ڪئي آهي ۽ ان ڪوآرڊينيشن جي نتيجي ۾ نه رڳو هن ان مسئلي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪيو آهي پر دنيا کي آگاهه ڪيو آهي ته موسمياتي ت??ديلي جي نقصانن کان پوري انسانيت متاثر ٿئي ٿي ۽ ترقي يافته ملڪن، غيرملڪي اين جي اوز ۽ عالمي ادارن جي تعاون سان ان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي ته جيئن موسمياتي ت??ديلي جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي.
موسمياتي تبديلي عالمي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعاون سان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania