اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ??ميشن آ?? پاڪستان جو اجلاس اليڪشن ??ميشن جي ميمبر نثار احمد دراني جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. خميس ڏينهن اليڪشن ??ميشن آ?? پاڪستان جي پريس رليز موجب اجلاس ۾ اليڪشن ??ميشن جي معزز ميمبرن شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانه ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان، اليڪشن ??ميشن جي سيڪريٽري، اليڪشن ??ميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ اليڪشن ??ميشن جي لا سيڪريٽري، گهرو وزارت جو اسپيشل سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي نمائندي شرڪت ڪئي. اليڪشن ??ميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اليڪشن ??ميشن اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ چونڊون جو پروگرام 8 آگسٽ تي جاري ڪيو جنهن ۾ موجب پولنگ 9 آڪٽوبر تي ٿيڻي هئي، ان پروگرام موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي چڪا هئا ۽ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري هو ته گورنمينٽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع ۾ ترميم ڪري ڇڏي. انهن ترميمن ک?? نظر ۾ رکندي اليڪشن ??ميشن لوڪل گورنمينٽ چونڊن جي عمل کي ملتوي ڪري ڇڏيو ته جيئن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن، ان جي اثرن ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ بابت گهرو وزارت، لا ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کان موقف ورتو وڃي ۽ ڄاڻايل چونڊون ڪرائڻ بابت مناسب فيصلو ڪيو وڃي. اليڪشن ??ميشن ??ورنمينٽ جي مٿي ڄاڻايل نمائندن کي موجوده ترميمن ک?? نظر ۾ رکندي مناسب رولز ۽ ٻي قانونسازي بابت هدايت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس، اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil