اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جيستائين پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست نه ڏينداسين سُک سان نه وي??ند??سين. وزيراعظم آفي?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خا??مي جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، انشاءَ الله جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو، جيستائين پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست نه ڏينداسين سُک سان نه وي??ند??سين، پوليو جي خا??مي جي حوالي سان حڪومتي پوليو ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، پوليو جي خا??مي بابت فو??ل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ قومي صحت واري سيڪريٽري کي تازي پوليو جي خا??مي جي مهم دوران ملڪ ۾ پوليو کان وڌيڪ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ملڪ ۾ تازي پوليو ڪيسز ۽ پوليو جي خا??مي واري مهم جي حوالي سان بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت پوليو جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 41 ٿي چڪو آهي، انهن ڪيسز مان 25 ڪيسز اهڙا آهن جن جي روٽين اميونائزيشن بهتر نه آهي، ملڪ جي جن علائقن ۾ ٻارن ۾ پوليو ويڪسينيشن جي شرح بهتر آهي اتي پوليو جو ڦهلاءُ گهٽ آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پوليو جي خا??مي بابت فو??ل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی