اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ مختلف آپريشنز د??را?? 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايو?? جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پارا?? جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪامياب ڪاررواين د??را?? 14 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي ميجر محمد اويس شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ميجر محمد اويس شهيد جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري ميجر محمد اويس شهيد جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايو?? جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پ??ري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. صدر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايو?? جاري رکنداسين.
صدر پاران 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena