گڏيل قومون –; 23 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل مبصر رياض منصور والاريل اولهندي ڪناري جي شهر نابلس ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فلسطيني عوام کي ا??رائيلي ظلمن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سعودي خابرو اداري موجب هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي برادري ۽ سيڪريٽري جنرل کان مطالبو ڪيو ته هو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ تي عملدرآمد ڪندي فلسطيني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. گڏيل قومن ۾ فلسطيني مش?? ايندڙ ڏينهن ۾ هنگامي ا??لاس منعقد ڪرڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن سان ڳالهيون ڪندو. فلسطين ۾ گذريل ڏينهن اولهندي ڪناري جي شهر نابلس تي ا??رائيلي فوج جي حملي ۾ 10 ماڻهو شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جي ا??گز??ڪيٽو ڪميٽي جي سيڪريٽري حسين الشيخ نابلس ۾ اسرائيلي حملي کي قتل عام قرار ڏيندي عالمي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي.
سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري فلسطيني عوام کي اسرائيلي ظلمن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: فلسطيني مبصر رياض منصور
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون