بيجنگ- 05 نومبر (اي پي پي) چين پنهنجي مل?? ۾ سياحت ۽ عالمي لاڳاپن کي ه??ي ڏيڻ لاءِ ويزا فري مل??ن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 09 مل?? شامل ڪيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا، ناروي، فن لينڊ، سلواڪيا، ڊينمارڪ، آئيس لينڊ اندورا، موناڪو ۽ ليڪٽنسٽائن جا شهري چين ۾ بنان ويزا جي داخل ٿي سگهندا. چين جي پرڏيهي وزارت موجب 8 نومبر کان انهن مل??ن جا شهري ڪاروباري، سياحت، خاندان جي ماڻهن سان ملاقات يا ٽرانزٽ لاءِ چين ۾ ويزا بنا داخل ٿي سگهندا. اها پاليسي ايندڙ سال جي آخر تائين لاڳو رهندي جنهن کان پوءِ چين ۾ ويزا فري لسٽ ۾ ڪل مل??ن جو انگ 25 ٿي ويندو. چين ڪورونا بعد گذريل سال کان غير مل??ي شهرين تي لاڳو سفري پابندي ۾ نرمي ڪري رهيو آهي ته جيئن مل?? جي معيشت ۾ بهتر رجحان اچي ۽ آمريڪا، يورپ ۽ ايشيائي مل??ن سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪري سگهجي. ان کان اڳ فرانس ۽ جرمني سميت 16 مل??ن جي شهرين کي ڪاروبار، سياحت، فيملي وزٽ ۽ ٽرانزٽ لاءِ 15 ڏينهن تائين بنان ويزا جي چين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هئي. ٻئي پاسي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ برطانيا سميت وڌيڪ 54 مل??ن جي شهرين کي چين جي 37 داخلي بندرگاهن ۾ ڪنهن هڪ ذريعي مل?? ۾ داخل ٿيڻ ۽ بنان ويزا جي 72 يا 144 ڪلاڪن تائين ترسڻ جي اجازت آهي، ان شرط تي ته سندس وٽ ڪنهن ٻئي مل?? جو آن ورڊ ٽڪيٽ موجود هجي. نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن موجب سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک کان به وڌيڪ ??رڏيهين چين جو دورو ڪيو جيڪو هر سال 152 سيڪڙو جو اضافو آهي. هن سال جنوري ۾ جون تائين 85 لک کان به وڌيڪ ??يزا فري سياحن جي مل?? ۾ داخلا ريڪارڊ ٿي جيڪا اندروني مل?? چين جي سفر جو 58 سيڪڙو بڻجي ٿي . جولائي کان سيپٽمبر جي عرصي دوران 81 لک کان به وڌيڪ ??رڏيهين چين جو دورو ڪيو. انهن مان 49 لک ويزا فري انٽريون هيون.
چين جي ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 9 ملڪ شامل
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک