اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پ??ڪستان (اي پي پي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ پاڪستاني ميڊيا جو هڪ وفد ترڪي جي گادي واري شهر انقره ۾ سرڪاري خابرو اداري اناطولو ايجنسي (اي اي) جو دورو ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وارو ڊپٽي سي??ريٽري ظهور احمد برلاس ۽ انقره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو پريس سي??ريٽري پڻ وفد سان گڏ هئا. موصول ٿيندڙ پيغام موجب خابرو ايجنسي جي اسسٽنٽ جنرل مئنيجر ۽ ايڊيٽر انچيف متين متان اولو ۽ انٽرنيشنل نيوز پبلشنگ جي ڊائريڪٽر وفد جي آجيان ڪئي. گڏيل د??چسپي جي معاملن بابت ڳالهائيندي اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سهيل خان کين پاڪستان ۾ ميڊيا آرگنائيزيشن بابت بريف ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس