اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعا??، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص کي فروغ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي دنيا پاڪستان جو موقف مڃيو آهي. هو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اينڊ ??يسرچ انيلائسز (اسرا) جي اهتمام هيٺ 21 هين صدي ۾ تاثر کي منهن ڏيڻ جي عنوان تي ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ڪري رهي هئي. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو صدر ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اينڊ ??يسرچ انيلائسز (اسرا) جو ڊائريڪٽر جنرل مي??ر جنرل غلام قمر موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ