بيجنگ – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ محفوظ ترين ملڪ آهي، معاشي سڌار?? سبب سيڙپڪار پاڪستان ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن، چين سان آزاداڻي واپار جو معاهدو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي مسئلن جي حل لاءِ سي پيڪ اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي، گوادر بندرگاهه سي پيڪ منصوبي جو ??ني??د آهي، پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان کي گهرن جي کوٽ درپيش آهي، 5 سالن ۾ 50 لک گهرن جي منصوبي تي ??م ڪري رهيا آهيون، حڪومت غير ملڪي سيڙپڪارن کي آزاد ويزا جي سهولت ڏني آهي، چاهيون ٿا ته سيڙپڪار پاڪستان اچن ۽ منافعو ڪمائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي واپار جي فروغ لاءِ قائم چائنا ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب