مڪو پاڪ- پهرين جون (اي پي پي)سعودي عرب جي صحت واري وز??رت چيو آهي ته حج سيزن کي بيمارين کان پاڪ بڻائڻ لاءِ صحت واري وز??رت قدم مڪمل ڪري ورتا آهن. سعودي عرب جي نشرياتي اداري مطابق سعودي عرب جي صحت واري وز??رت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ت?? هلندڙ سال حج سيزن د??ران حاجين کي صحتمند خدمتن جي فراهمي لاءِ 14 هوائي اڏن، بندرگا??ن ۽ زميني سرحدي چيڪ پوسٽن تي هيلٿ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. بيمارين جي روڪٿام لاءِ هوائي اڏن، بندرگا??ن ۽ زميني سرحدي چيڪ پوسٽن تي احتياطي قد?? کنيا پيا وڃن. صحت بابت انتظام حج سيزن د??ران پانڌيئڙن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ جي پهرين د??اعي لائين آهي. وز??رت جي ڪوشش آهي ته حج سيزن د??ران وبائي بيمارين جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. هڪ طرف بيمارين جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ انتظام ڪيا آهن ته ٻئي پاسي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وز??رت چيو آهي ته حاجين جي سامن تي به ڪجهه پابنديون لڳايون ويون آهن. صحت جي عالمي اداري جي رپورٽن جي تناظر ۾ صحت پاليسي تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي.
حج سيزن کي بيمارين کان پاڪ بڻائڻ لاءِ صحت واري وزارت پنهنجا قدم مڪمل ڪيا آهن: سعوي عرب جي صحت واري وزارت
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ