دمشق -03 جولاءِ (اي پي پي) شام ۾ پاڪستان جي سفير شاهد اختر چيو آهي ته شام پاڪستان ۾ صنعتي شعبي ج?? ترقي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شام جي خابرو اداري ??انا مطابق انهن خيالن جو اظهار هن دمشق چيمبر آف انڊسٽري ج?? چيئرمين غزوان المصري ??ان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار کي ترقي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري ۽ شراڪتداري ج?? قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني سفير چيو ته شام پاڪستان ۾ دو??ئن?? طبي مواد، جراحي ج?? اوزارن ۽ ڏندن جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ ??وزارن سان گڏ زرعي سامان، ڳري مشينري ۽ راندين جي سامان جي تياري ۾ هن وقت تائين ڪيل ترقي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. دمشق چيمبر جي عمارت ۾ ٿيل ملاقات دوران غزوان المصري ??ن ڳالهه تي زور ڀريو ته چيمبر پاڪستان سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي، ان کان علاوه دمشق چيمبر ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ صنعتڪارن وچ ۾ رابطي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ هر ضروري ??هولت فراهم ڪندو. هن مختلف فورمن تي پاڪستان طرفان شام جي حمايت کي ساراهيو.
شام ۾ پاڪستان جي سفير جي دمشق چيمبر جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر