نئين دهلي -13 سيپٽمبر (اي پي پي) ??ار?? ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ا??ل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. چين جي خابرو اداري مطابق ڀرت پور ضلع جي ٽريفڪ پوليس ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته جئه پور- آگرا شاهراه تي گجرات رياست کان مسافرن کي کڻي مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ اتر پرديش ويندڙ بس فني خرابي سبب انترا فلاءِ اوور تي بيٺي هئي ته ان دوران پٺيان آيل هڪ ٽرالر بس کي زوردار ٽڪر هنيو جهن جي نتيجي ۾ 6 عورتن سميت 11 ڄڻا ا??ل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻڌايو ته فوتين ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ??قا??ي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ??ار?? ۾ هر سال ڏيڍ لک ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿيندا آهن. حڪومت 2024ع تائين روڊ حادثن ۾ ٿيندڙ فوتگين جو 50 سيڪڙو تائين انگ گهٽائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
ڀارت ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر 11 ڄڻا اجل جو شڪار، 12 زخمي
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس