اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۽ ق??ر جي دورن ۽ ملاقاتن کي انتهائي لاڀائتو ۽ تعميري قرار ڏيندي چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ق??ر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا ??وا??شمند آهن، پاڪستاني وفد جلد سعودي عرب ويندو، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جا عملدار هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندا، سعودي عرب ۾ لکين هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي پنهنجي س??ودي عرب ۽ ق??ر جي دورن جي حوالي س??ن اعتماد ۾ ورتو. هن چيو ته آئُون تازو ئي س??ودي عرب ۽ ق??ر جي دورن تان واپس آيو آهيان، سعودي عرب ۾ مُون فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي فورم کي خطاب ڪيو جتي هن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سميت اهم شخصيتن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ٻڌايو ته سعودي ولي عهد هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي لاءِ نيڪ ??وا??شن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي حوالي س??ڻس لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي ولي عهد سان آجياڻي تي پڻ ملاقات ٿي، ٻئي ڏينهن هن پنهنجي ٽيم به موڪلي، سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير ۽ پاڪستان جي لاءِ رائل ڪورٽ جي خصوصي نمائندي س??ن پڻ ملاقاتون ٿيون جنهن ۾ سولر، مائنر ۽ منرلز، زراعت ۽ گڏيل حصيداري جي ٻين شعبن جي حوالي س??ن تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي س??ودي عملدارن جي پريس ڪانفرنس به ٿي جيڪا تمام گهڻي لاڀائتي هئي. وزيراعظم ٻڌايو ته سندس ملاقاتن ۽ دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان جو وفد تمام جلد سعودي عرب روانو ٿيندو. وزيراعظم ٻڌايو ته سعودي عرب کانپوءِ هن قطر جو دورو پڻ ڪيو، اهو دورو به سعودي عرب وانگر انتهائي لاڀائتو ۽ تعميري هو، قطر جي امير سان نويڪلائي ۽ وفدن جي س??ح تي پڻ ملاقات ٿي. قطر جي امير جي ڀيڻ پاران پاڪستان جي تاريخ جي حوالي س??ن هڪ بهترين نمائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ قطر جي امير پاڻ شرڪت ڪئي، هن اسان جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. وزيراعظم چيو ته قطر جي امير ماضي ۾ ٽي ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي حوالي س??ن جيڪو واعدو ڪيو هو ان تي تيزي س??ن عملدرآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ سندس ٽيم جلد پاڪستان جي دوري تي ايندا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۾ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ لکين هنرمندن جي ضرورت آهي، سعودي ولي عهد پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت موڪلڻ جو چيو آهي، اهڙي طرح قطر جي امير پاڪستان ۾ آءِ ٽي پارڪ لڳائڻ جو اشارو ڏنو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته سعودي عرب ۽ ق??ر جا دورا ۽ ملاقاتون انتهائي لاڀائتيون ۽ تعميري رهيون، پاڪستان جو وفد هڪ ٻن ڏينهن ۾ سعودي عرب ويندو، آذربائيجان جي صدر 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي هئي، انهن پاران پڻ پيغام آيو اهي ته هو اسان جا منتظر آهن، جلد ان حوالي س??ن اجلاس گهرائيندس.
وزيراعظم پاران سعودي عرب ۽ قطر جا دورا ۽ ملاقاتُون لاڀائتيون ۽ تعميري قرار، سعودي عرب ۽ قطر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، پاڪستاني وفد جلد سعودي عرب ويندو، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جا عملدار هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندا: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر