پيرس-05 ڊسمبر (اي پي پي) فرانس جي وزيراعظم مشيل بارنيئر اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ صرف ٽن مهين?? کانپوءِ پنهنجي خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ جي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مشيل بارنيئر ج?? ف??انس جي حڪومت ۾ گذريل 60 سال?? کان وڌيڪ عرصي ۾ عدم اعتماد جي ووٽ ذ??يع?? ختم ڪيل پهرين حڪومت بڻ??ي وئي آهي.فرانس جي پارليامينٽ ۾ وزيراعظم مشيل بارنيئر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جي حمايت ڪندڙ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبر شامل هئا. 577 ميمبرن واري ايوان ۾ وزيراعظم خلاف عدم اعتماد واري رٿ جي ڪاميابي لاءِ 288 ووٽ گهربل هئا جڏهن ته رٿ جي حمايت ۾ 331 ميمبرن ووٽ ڏنا. مشيل بارنيئر پنهنجي خلاف عدم اعتماد واري رٿ تي ووٽنگ کان اڳ جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته کيس پورو يقين آهي ته اها رٿ هر شيءِ کي وڌيڪ ڏکيو بڻ??ئي ڇڏيندي.
فرانس جي وزير اعظم مشيل بارنيئر پاران پنهنجي خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ جي ڪاميابي کان پوءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ