اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪش??ير تڪرار جي حل ۾ آمريڪا جي اهم ڪردار جي اهميت کي اجاگر ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ نئين آمريڪي انتظاميا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پراڻي ڪش??ير تڪرار جي حل ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي جيڪو ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ امن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. ڪجهه ع??صر عام ماڻهو جي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن ۾ هر قسم جون رڪاوٽون پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. هن اها ڳالهه اي پي پي جي خصوصي نمائندي زاهد حم??دي کي هتي وزيراعظم هائوس ۾ خصوصي انٽرويو ڏيندي چئي. وزيراعظم چيو ته ڪش??ير جي حوالي سان آمريڪا تمام اهم ڪردار اد اڪري سگهي ٿو جيڪو هن اڃا تائين ناهي ڪيو. هن چيو ته آمريڪا س??يت پوري دنيا ان تڪرار سبب عالمي امن ۽ خطي ۾ استحڪام کي لاڳو خطري کان آگاهه آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ