اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم شاهد خاقان عباسي سان اردن جي هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ليفٽيننٽ ج??رل محمود اي فراحت ڪالهه خميس ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ اردن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا. ٻنهي ملڪن جا ترقي پسند موقف سان گڏ دنيا جي امن ۽ استحڪام سان گڏيل مفاد لاڳاپيل آهن. هن چيو ته پاڪستان اردن سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، وز??راعظم شاهد خاقان عباسي ليفٽيننٽ ج??رل محمود اي فراحت جي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪندي شاهه عبدالله (ٻي) جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس دانشمنداڻي قي??دت ۾ اردن جي عوام مختلف شعبن ۾ شاندار ترقي ڪئي آهي. ان موقعي تي ليفٽيننٽ ج??رل محمود اي فراحت والهاڻي استقبال تي وز??راعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ اردن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ دفاع وارو وز??ر انجنيئر خرم دستگير خان، اردن جو سفير نواف خليفه ۽ سينئر سرڪاري عملدار به موجود هئا.
وزيراعظم سان اردن جي هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ليفٽيننٽ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن