اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر انب جي ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گهرو وز??رت جي غير تسلي بخش جواب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وز??رت کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر اهو مسئلو حل ڪري کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صد??رت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير سميت مخالف ڌر جا ميمبر به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بارڊر تي انب ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. اسپيڪر چيو ته انب جي روانگي واپار تي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گهرو وز??رت جو جواب تسلي بخش نه آهي، اسپيڪر ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن ۾ مسئلن کي حل ڪري جواب ڏنو وڃي، اسپيڪر چيو ته انب جي روانگي واپار لاءِ وقت سر فيصلو نه ڪيو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، گذريل 6 سالن کان پاڪستان جو روانگي واپار گهٽ ٿي ره??و آهي، ايڪسپورٽرز چيو ته حڪومت اسان سان تعاون ڪري، اسان کي انب ٻاهر موڪلڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، اسان پوري دنيا ۾ انب ايڪسپورٽ ڪري ره??ا آهيون، پي آءِ اي جي ذريعي انب جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جي لاءِ اگهن ۾ رعايت ڏيڻ جي ضرورت آهي.
انب جي روانگي واپار لاءِ وقت سر فيصلو نه ڪيو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش