اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي مالياتي ادارن جي وچ ۾ 1500 ملين ??ال?? جي مالياتي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، اهو معاهدا عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشئين انفرااسٽرڪچر ڊلپمينٽ بئنڪ سان طئي ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪوويڊ 19 ايڪٽو رسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ??ال?? جي مالي مدد فراهم ڪندو، ان جو مقصد حڪومت پاڪستان کي ان جي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، انهي طرح ايشيئن انفرااسٽرڪچر انويسٽمنيٽ بئنڪ به ڪوويڊ 19 ايڪٽو ريسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ??ال?? جي معاون فنانسنگ فراهم ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد ڪورونا وبا جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، ان کانسواءِ انساني ??سيلن جي ترقي لاءِ ضروري صحت ۽ تعليم جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، معاشي پيداوار ۾ عورتن جي ڪردار جي حوصلا افزائي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ بهتري ۾ مدد جي سلسلي ۾ اسيڪورنگ هي??من انويسٽمينٽس ٽو فاسٽر ٽرانسفارميشن (شفٽ) لاءِ 500 ملين ??ال?? جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون.
وزيراعظم جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي مالياتي ادارن وچ ۾ 1500 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب