اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر ??يو آهي ته لاهور موٽروي تي پيش ايندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ ب??نم?? داغ آهي، ان واقعي جا اسان جي ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. قومي اسيمبلي ج?? اجلاس دوران اسپيڪر پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته لاهور جي واقعي تي بحث ٿئي ڇو ته اهو واقعو پوري قوم جي لاءِ ب??نم?? داغ آهي ۽ ان جا ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. عالمن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تحفظ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. اسان جون به ٻارڙيون، مائرون ۽ ڀينرون آهن، هن مسئلي تي بحث ڪري ڪوتاهيون ختم ڪرڻ گهرجن. سيد نويد قمر چيو ته لاهور جي واقعي تي اسان التوا واري رٿ جمع ڪرائي آ??ي. اسان به چاهيون ٿا ته ان تي تفصيلي بحث ڪرايو وڃي. ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر بڻجي نه پر پاڪستان جو شهري بڻجي پنهنجي راءِ ڏين. جتي جتي ڪوتاهي آ??ي اها ختم ڪرڻ جي لاءِ تجويزون سامهون آنديون وڃن.
لاهور موٽروي تي پيش ايندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada